رانديون

پي ايس ايل 8 جي سڪيورٽي فوج ۽ رينجرز حوالي، حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي

پي ايس ايل 8 جي سڪيورٽي فوج ۽ رينجرز حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن جي حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق وفاقي گهرو وزارت پاران ٽي 20 جي ميگا ايونٽ جي سيڪيورٽي بابت سمري موڪلڻ بعد وفاقي ڪابينا ان جي سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هوڏانهن پي سي بي جي بيان موجب لاهور ۽ پنڊي ۾ ميچن جي ٽڪيٽ 1200 کان 4000 رپين ۾ ملندي، وي آئي پي ٽڪيٽ 7000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جن جو وڪرو اڄ کان شروع ٿيندو. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ پوليس اختيارين ڪرڪيٽ جي شوقينن جي پريشاني ختم ڪري پارڪنگ اسٽيڊيم ويجهو رکي آهي. ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آئي جي سڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڪراچي مقصود ميمڻ چيو آهي تھ پي ايس ايل 8 جا سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. هن ٻڌايو تھ تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ کاڌي پيتي، مشروبات، شيشو، نشي آور شين سميت ڪا شئي کڻي اچڻ تي پابندي آهي، جڏهن تھ داخلي گيٽ تي مڪمل تلاشي ورتي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button