رانديون

ويمن پريميئر ليگ ۾ سمرتي منڌنا 3 ڪروڙ 40 لک ۾ وڪرو

ڀارت جي ويمن پريميئر ليگ ۾ سمرتي منڌنا 3 ڪروڙ 40 لک ۾ وڪرو ٿي آهي. ميڊيا مطابق سمرتي منڌنا کي رائل چيلنجرز بينگلور سڀني کان اڳ پنهنجو ٽيم جو حصو بڻائي ورتو آهي. رپورٽ موجب صوفي ڊوائين 50 لک رپين، ايلسي پيري هڪ ڪروڙ 70 لک ۾ آر سي بي ۾ شامل ٿي آهي. هرمنپريت ڪور هڪ ڪروڙ 80 لک ۾ ممبئي انڊينز، ايشلي گارڊنر، گجرات گيانٽس ۽ ممبئي انڊينز نيٽ اسڪائيور کي 3 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ ورتو. صوفي ايڪليسٽون هڪ ڪروڙ 80 لک ۾ يو پي واريئرز خريد ڪيو آهي. اهڙي ريت ديپتي شرما، جميما رودرگز، شيفالي ورما، ميگ ليننگ ۽ ٻين کي پڻ خريد ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button