رانديون

انگلينڊ جي 325 رنسن اننگز تي ڊڪليئر، ڪيويز جا 37 تي 3 آئوٽ

انگلينڊ اوول ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن ئي پنهنجي اننگز 325 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، سندس 9 بيٽر آئوٽ ٿيا هئا. ميڊيا مطابق بي اوول جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن انگلش ٽيم جا بيٽر هيري بروڪ 89، بين ڊڪيٽ 84، اولي پوپ 42، بين فوئڪس 38، ڪپتان بين اسٽوڪس 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ اوپنر زيڪ ڪرائولي 4 رنسن تي وڪيٽ وڃائي، جو روٽ 14 ۽ اسٽيورٽ براڊ 2 رنسن تي واپس هليا ويا. نيوزيلينڊ جي بالرن مان نيل واگنر 4 شڪار ڪري ورتا آهن. جڏهن تھ ٽم سائودي ۽ اسڪاٽ ڪگولائين 2،2 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ نيوزيلينڊ 3 وڪيٽن تي 37 رنسون ڪيون هيون، جن ۾ ٽام ليٿم هڪ، ڪين وليمسن 6 ۽ هينري نڪولس4 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ راند ختم ٿيڻ وقت پچ تي ڊيون ڪونوي 17 ۽ نيل واگنر 4 رنسن سان موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button