رانديون

منيبا ويمن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي پهرين فتح ڏياري ڇڏي

پاڪستان ويمن ٽيم آئرلينڊ ويمن کي 70 رنسن تان شڪست ڏئي ٽي 20 ويمن ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ويمن ٽيم 5 وڪيٽن تي 165 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ آئرلينڊ جي ٽيم 95 رنسن تي آئوٽ ٿي 70 رنسن تي شڪست جو شڪار ٿي وئي آهي. جڏهن تھ پاڪستاني بيٽرن مان منيبا علي 14 چوڪن جي مدد سان شاندار اننگز کيڏندي 102 رنسون ٺاهي فتح جا بنياد رکي ڇڏيا، ندا ڊار 33 رنسن سان ساٿ ڏنو. جڏهن تھ ڪپتان بسما معروف 4، جويريا خان 6، عاليا رياض 3 ۽ عائشا نسيم 6 رنسن تي آئوٽ ٿيون. آئرلينڊ جي بالر ارين ڪيلي 2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن آئرلينڊ جون بيٽر اوريا پرينڊرگيسٽ 31، ايميئر رچرڊسن 28 رنسون ٺاهيون، سندن 6 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ آيون. جڏهن تھ پاڪستاني بالر نشارا سنڌو 4 شڪار ڪري آئرش بيٽنگ کي محدود اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي. جڏهن تھ ندا ڊار ۽ سعديا اقبال بھ 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ منيبا علي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button