رانديون

منيبا ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سينچري ڪندڙ پهرين پاڪستاني جو اعزاز ماڻي ورتو

پاڪستاني بيٽر منيبا علي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ سينچري ٺاهيندڙ پهرين پاڪستاني بيٽر جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق منيبا علي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ آئرلينڊ خلاف ميچ دوران 14 چوڪن جي مدد سان مجموعي طور 102 رنسن جي اننگز کيڏي آهي، جنهن سان هن ٽي 20 ۾ وڏو اسڪور ڪندڙ دنيا جي 5 بيٽر جي پوزيشن پڻ ماڻي آهي، جنهن تحت ميگ ليننگ 126، دياندرا ڊاٽن 112، هيٿر نائيٽ 108، هرمنپريت ڪور 103 ۽ پاڪستان جي منيبا علي 102 رنسون ڪيون آهن. منيبا علي جو چوڻ آهي تھ پلاننگ سان بيٽنگ ڪئي، سينچري ڪرڻ تي خوش آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button