پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ نوجوان مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

خیيرپور: خيرپور جي علائقي لقمان جي عباسي پاڙي جي رهواسي نوجوان ساجد پٽ نور محمد عباسي بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهھ ڏئي ڇڏي، جنهن کان پو نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس گمس اسپتال ريفر ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آھي. ان حوالي سان وارثن ٻڌايو ته ساجد مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب پريشان رھندو ھو، جنهن ڪري هن آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button