اسلام آبادپاڪستان

فوج سيڪيورٽي کان انڪار ڪيو،پئسا به نه مليا،چونڊون ڪيئن ڪرايون:چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته فوج کان سيڪيورٽي گهري ته انڪار ڪيو ويو، عدليا کان آر اوز گهريا ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. چونڊن لاءِ پئسا گهريا ته ان کان به انڪار ڪيو ويو. جڏهن اختيار ئي محدود ڪيا ويا آهن ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪيئن ڪرايون؟ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ اليڪشن نه ڪرائي وئي ته چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿو. جسٽس اعجازالاحسن سي سي پي او لاهور بدلي ڪيس جي شنوائي ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪم کانسواءِ ٻيا سڀ ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اليڪشن ۾ ٿيندڙ رڪاوٽن تي تفصيلي رپورٽ پڻ گهري ورتي. خميس تي جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ غلام محمود ڊوگر جي درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت پاران گهرائڻ تي شنوائي جي ٻئي حصي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جسٽس اعجازالاحسن پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ان باوجود سي سي پي آئين هر صورت 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پابند ڪري ٿو ۽ چوندون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. غلام محمود ڊوگر جي بدلي ڪرڻ جي ايتري تڪڙ ڇو هئي، پنجاب حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته غلام محمد ڊوگر جي ٻيو ڀيرو بدلي اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان ڪئي وئي. عدالت چيو ته آفيسرن جي تبديلي ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڇا ڪردار آهي. ڪميشن جو ڪردار چونڊن جي اعلان ٿيڻ کان پوءِ هوندو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته صوبي ۾ نگران حڪومت اچڻ سبب اليڪشن ڪميشن کان اجازت ورتي وئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آئين مطابق نگران حڪومت اچڻ کان پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن. جسٽس اعجازالاحسن کان معلوم ڪيو ته پوءِ ٻڌايو ته اليڪشن ڪٿي آهي. جسٽس مظاهر نقوي چيو ته اڌ پنجاب کي ٽرانسفر ڪيو ويو، ڇا پنجاب ۾ اهڙو ڪوئي ضلعو آهي جتي ڪنهن جي بدلي نه ٿي هجي. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم جو علم نه هو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪم کان سواءِ ٻيا سڀ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن کان پو عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهرائي شنوائي ۾ مختصر وقفو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته وقفي کان پوءِ ٿيندڙ شنوائي ۾ جسٽس اعجازالاحسن چيو ته مقرر وقت ۾ چونڊون نه ٿيون ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي، 90 ڏينهن ۾ چونڊن جي حوالي سان آئين ۾ ڪوئي ابهام نه آهي. جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ رڳو اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته عدالت حڪم ڏي ته بدلي روڪي ڇڏينداسين. عدالت ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ پاڻ ڏيندا ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿيندي، مون کي پنهنجي اختيارن ۽ آئيني گهرج تي عمل ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته فوج کان سيڪيورٽي گهري ته انڪار ڪيو ويو، عدليا کان آر اوز گهريا ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. چونڊن لاءِ پئسا گهريا ته ان کان به انڪار ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن اختيار ئي محدود ڪيا ويا آهن ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪيئن ڪرايون، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ اليڪشن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن بابت تفصيلي رپورٽ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ سميت چيف اليڪشن ڪميشنر کي اڄ جمعي تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button