اسلام آبادپاڪستان

شيخ رشيد جي ضمانت منظور،آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. اسلا م آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير جو وڪيل سلمان اڪرم راجا، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون ۽ آبپارا ٿاڻي جو ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران شيخ رشيد جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گرفتاريءَ کانپوءِ واري ضمانت جي درخواست آهي، ايڊيشنل سيشن جج الزام جي بنياد تي ضمانت خارج ڪئي. ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته شيخ رشيد تي ڪهڙو الزام لڳايو ويو آهي؟ جنهن تي سلمان اڪرم چيو ته ڪنهن نيوز چئنل تي شيخ رشيد جو بيان نشر ٿيو، جنهن جي بنياد تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ هو هن وقت جڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ قيد آهي. شيخ رشيد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بيان ٽي وي چئنلن تي نشر ٿيو پر ثبوتن ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي جو بيان سبب پي ٽي آءِ پ پ وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي. ان دوران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد سينيئر سياستدان آهي، سندس گفتگو پارلياماني هئڻ گهرجي، جنهن تي عدالت چيو ته سڀئي هڪجهڙي ئي ٻولي استعمال ڪندا آهن، سڀ پارلياماني آهي، جج جي رمارڪس تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. جهانگير جدون چيو ته شيخ رشيد گهرو وزير ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي گاريون ڏنيون، ان تي سلمان اڪرم چيو ته هي ڪيس ئي نه آهي جيڪو ايڊووڪيٽ جنرل بيان ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت کي بيان ڏنو ته شيخ رشيد جي بيان جا تفصيل پيمرا کان حاصل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته شيخ رشيد بيان ڏنو ته هن کي عمران خان وٽان اها معلومات ملي، آصف زرداري جي عمران خان خلاف قتل جي مبينا سازش جا ثبوت شيخ رشيد وٽان ناهن مليا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شيخ رشيد جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ٿوري دير کانپوءِ ٻڌائيندي عدالت عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي پنجاهه هزار رُپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منطور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button