رانديون

نيوزيلينڊ کي ٽيسٽ کٽڻ ۾ 331 رنسن جي ضرورت، 5 بيٽر آئوٽ

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم اوول ٽيسٽ ۾ انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن 394 رنسن جي هدف کي ماڻڻ پويان کيڏندي 5 اهم وڪيٽون رڳو 63 رنسن تي وڃائي ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق اوول ۾ جاري ٽيسٽ جي ٽئي ڏينهن واري راند ۾ انگلينڊ ٻي اننگز ۾ 374 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي 394 رنسن جو هدف ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، اوپنر زيڪ ڪرائولي 28 ۽ بين ڊڪيٽ 25 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن بعد جو روٽ 57، بين فوڪس 51 ۽ هري بروڪ 54، اولي پوپ 49، اولي رابنسن 39 ۽ بين اسٽوڪس 31 رنسون ٺاهي اسڪور کي سنڀالي ورتيو. نيوزيلينڊ جي بالرن بليئر ٽڪنر، مائيڪل براسويل 3،3 ۽ نيل واگنر، اسڪاٽ ڪيگلائين 2،2 وڪيٽون ورتيون. هوڏانهن هدف جي پويان کيڏندي نيوزيلينڊ جا بيٽر ٽام ليٿم 15، ڊيون ڪونوي 2، ڪين وليمسن ٻڙي، هينري نڪولس 7 ۽ ٽام بلينڊل هڪ رنس تي آئوٽ ٿي ويا، راند ختم ٿيڻ تائين ڊيرل مچل 13 ۽ مائيڪل براسويل 25 رنسن سان پچ تي موجود هئا. انگلش بالر اسٽيورٽ براڊ 4 شڪار ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button