رانديون

سريلنڪا اي انگلينڊ لائين کان ٽيون ون ڊي 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو

سريلنڪا اي جي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ لائين کان ٽيون ون ڊي 6 وڪيٽن تان کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ لائين جي ٽيم 166 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ جيڪب بيٿل 50 رنسن سان نمايان رهيو، جارڊن ڪاڪس 31، ٽام هارٽلي 22 رنسون ڪيون. سريلنڪا اي جي بالرن اسيٿا وجيسندرا ۽ ڊشن هيمنٿا 3،3 وڪيٽون ورتيون آهن. هوڏانهن سريلنڪا اي رڳو 4 وڪيٽن تي هدف پورو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ نپن ڌننجيا 65، سديرا سماراوڪرما 23، سهان آراچنگي 22 رنسون ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button