رانديون

لاهور ۾ سيڪيورٽي خدشا، قلم 144 لاڳو، پي ايس ايل متاثر ٿيڻ جو امڪان

لاهور ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب انتظاميا قلم 144 لاڳو ڪري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي ايس ايل 8 جي لاهور ۾ رٿيل ميچن کان رڳو 4 ڏينهن اڳ ڊپٽي ڪمشنر قلم 144 لاڳو ٿيڻ سبب ميچن جي متاثر ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. ڊي سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميان مير پل، مال روڊ، پنجاب سول سيڪريٽريٽ، بليوارڊ ۽ لاڳاپيل روڊن تي هجوم گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي. اهڙي ريت قذافي اسٽيڊيم جي ڀرپاسي وارا علائقا بھ پابندين ۾ اچي ويا، تنهنڪري پي ايس ايل ڏسندڙ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو اسٽيڊيم اچڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ اها رڪاوٽن جو شڪار ٿيندا. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي تھ سڪيورٽي خطرا گهٽ نھ ٿيڻ جي صورت ۾ قلم 144 وڌيڪ 7 ڏينهن وڌائڻ ۽ پي ايس ايل ميچن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تي بھ غور ڪيو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button