اسلام آبادپاڪستان

جسٽس اعجاز ۽ جسٽس نقوي خلاف سِڌي ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد:حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي بابت سڌيءَ ريت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بار ڪائونسلز به جسٽس مظاهر خلاف ايندڙ هفتي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قانوني صلاح مشورو مڪمل ڪيو ويو. قانوني ٽيم موجب جسٽس اعجاز الاحسن نواز شريف جي خلاف ڪيس ۾ نگران جج رهيو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف آڊيو ليڪ جي ترديد نه ٿي سگهندڙ ثبوت سامهون آيو آهي. جسٽس مظاهر نقوي نواز شريف، شهباز شريف بابت درجنين ڪيسن ۾ مخالفاڻا فيصلا ڪيا. پاناما، پارٽي ليڊرشپ، پاڪ پتن الاٽمينٽ ڪيس ۽ رمضان شگر ملز جا ڪيس ان فهرست ۾ شامل آهن. ٻئي جج مسلم ليگ ن بابت تعصب وارو رويو رکن ٿا. قانوني ٽيم جو چوڻ هو ته تڪراري جج رضاڪاراڻي طور لاڳاپيل ڪيس جي شنوائين کان الڳ ٿي ويندا آهن، تڪراري ججن کي بينچ مان هٽائڻ جي روايت آهي ته مخالف ڌر جي درخواست تي به بينچ مان هٽايو وڃي. ٻئي طرف سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز گذريل ڏينهن ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ايندڙ هفتي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين حسن رضا پاشا صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ سڀني صوبائي بار ڪائونسلز، اسلام آباد بار ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جڊيشل ڪائونسل کي سڏ ڏنو آهي ته هاڻوڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري. هنن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آڊيو ليڪ جو معاملو اٿاريو ويو، آڊيو ليڪز جي فارنزڪ جو مطالبو چيف جسٽس کان ڪيو هو پر سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي مطالبي تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو. هنن چيو ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سڀ جو سڀ بار ڪائونسلز الڳ الڳ ريفرنس فائل ڪنديون. آرٽيڪل ٻه سئو نوَ جي تحت سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ريفرنسز ايندڙ هفتي داخل ڪيا ويندا. سنڌ، بلوچستان، پشاور، لاهور، اسلام آباد ۽ پاڪستان بار ڪائونسل ريفرنسز داخل ڪنديون. حسن رضا پاشا جو چوڻ هو ته چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو هو ته آڊيو ڪوڙي آهي يا سچي، ذميوارن کي سزا ڏيو جن ججن کي نظرانداز ڪري جونيئر جج مقرر ڪيا ويندا آهن، اهي جذبي سان ڪم ناهن ڪندا، جيڪي جج سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي قابل ناهن اهي هاءِ ڪورٽ ۾ رهڻ جي به قابل ناهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل عابد زبيري کي نوٽيس جاري ڪندي ۽ کانئس جواب وٺندي، اميد آهي ته آڊيو ليڪ کانپوءِ جج عهدي تان استعيفيٰ ڏيندا. سندس چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل هو، ان ڪري حڪومت جسٽس فائز عيسيٰ جي ريفرنس واري فيصلي تي نظرثاني اپيل واپس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button