سنڌ

هٿيارن جي نمائش تي سخت ڪارروائي ٿيندي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هٿيارن جي لائسنس واري قانون ۾ هٿيارن جي نمائش جي هرگز اجازت ناھي، لائسنس قانون موجب هٿيارن کي ڪنسيلڊ ڪري رکڻو آهي، ڪنهن کي اجازت ناهي ته گاڏين جي ڊالن ۾ هٿيارن جي نمائش ڪري معاشري ۾ خوف پکيڙي. هن چيو ته گاڏين جا مالڪ ۽ اوريجنل نمبر پليٽس گهر ۾ رکي ۽ جعلي نمبر پليٽس سان گاڏيون ھلائين ٿا، جڏهن ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي نيون مشين ريڊييبل نمبر پليٽس جاري ئي ان مقصد لاءِ ڪيون آهن ته جيئن گاڏين جا تفصيل فوري معلوم ڪري سگهجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن سمورن شين کي درست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 28 فيبروري کان پوري صوبي ۾ ايڪسائيز کاتو، پوليس ۽ رينجرز باقاعده ڪريڪ ڊائون جي شروعات ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي سيشن ۾ ڳالھائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت نٿي چاهي ته عوام کي تڪليف پهچائي وڃي، ان لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏنو آهي، بهتر اهوئي آهي ته عوام انهن شين کي پاڻ ئي ٺيڪ ڪري وٺي. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سختي سان هدايت ڏني آهي ته ڪنهن کي به هٿيارن جي نمائش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي به صرف وردي ۾ هٿيار کڻي ڪري هلڻ جي اجازت هوندي، وردي جي بغير ڪنهن اهلڪار کي به هٿيار پاڻ سان کڻي ڪري هلڻ جي اجازت نه هوندي. صوبائي وزير چيو ته خانگي سڪيورٽي ڪمپنين جي گارڊز کي به هٿيارن جي نمائش ڪرڻ جي اجازت ناهي، جيڪڏهن سيڪيورٽي ڪمپنين جا گارڊز هٿيارن جي نمائش ڪندي نظر آيا ته انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته خانگي گاڏين تي سنڌ حڪومت ۽ حڪومت پاڪستان جي جعلي نمبر پليٽس استعمال ڪيون وينديون آهن، انهن خلاف پڻ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي رعايت نه ڏني ويندي. صوبائي وزير چيو اڻ رجسٽرڊ ٿيل گاڏين خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ شوروم مالڪن کي اجازت نه ھوندي ته اھي اڻ رجسٽرڊ گاڏيون وڪرو ڪن. ڪابه گاڏي شو روم مان نه نڪرندي، جيستائين اھا رجسٽر نٿي ٿئي. ھن چيو اوپن ليٽر تي ھلندڙ گاڏين کي به ضبط ڪيو ويندو، جڏھن ته گاڏين تي ھوٽر ۽ ٽنٽيڊ گلاس لڳائڻ جي به اجازت نه ھوندي. هن چيو ته مخالف ڌر جي بينچز پاران به حڪومت جي ان قدم کي ساراهيو پيو وڃي، جيڪا هڪ خوشي جي ڳالھه آهي. هن چيو ته پوري اسيمبلي مان ان معاملي تي هي پيغام وڃي، سمورا چونڊيل نمائندا ان معاملي تي گڏيل آواز ٿين. هن چيو ته اسان سڀ ان قسم جي اهم اشوز تي هڪ ٿياسين ته عوام جا اهم مسئلا حل ۽ دهشتگردي جھڙي لعنت کي ختم ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button