اسلام آبادپاڪستان

عمران جو رويو نافرماني وارو هو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ شهباز شريف جي توهين ڪيس ۾ عمران خان جو دفاع جو حق ختم ڪرڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ 24 نومبر 2022 تي درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي عمران خان جو دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏيو. 29 ڊسمبر تي لاهور ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عائشا ملڪ تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. جسٽس عائشا ملڪ فيصلي سان اختلاف ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته سڄي ڪيس ۾ عمران خان جو رويو سڌي ريت نافرماني هو. عمران خان قانوني عمل جو غلط استعمال ڪيو، ان ڪيس ۾ ٻٽو معيار قائم نٿا ڪري سگهون. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ عمران خان کي ڪيترائي ڀيرا جواب داخل ڪرائڻ جو موقعو ڏنو، قانون موجب عمران خان کي 30 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻو هو. ٽرائل دوران عمران خان کي غير ضروري مهلت ڏني وئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بي اختيار عدالت ناانصافي جي بدترين شڪل آهي، قانون جي وڏي يا ننڍي عدالت عدالتي نظام جو حصو آهي. عدالت کي پنهنجي طاقت جو استعمال ڪرڻ ۾ ڪا به دير نه ڪرڻ گهرجي، موثر عدالتي نظام ئي قانون جي حڪمراني آهي. هڪ آئيني جمهوريت، اها گورننس جو بنياد آهي. جسٽس عائشا ملڪ اختلافي نوٽ لکيو ته سوال ڪندڙ جو دفاع جو حق ختم نه ٿيڻ گهرجي، اڪثريت جي فيصلي سان اختلاف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button