اسلام آبادپاڪستان

نيب چيئرمين استعيفا ڏئي ڇڏي،ڪوڙا ڪيس نٿو ٺاهي سگهان:آفتاب سلطان

اسلام آباد :نيب چيئرمين آفتاب سلطان پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. نيب چيئرمين آفتاب سلطان پنهنجي هڪ بيان ۾ پنهنجي استيعفا جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مون کي ڪجهه شين جو چيو ويو جنهن تي ڪجهه خدشا هئا. موجوده ماحول ۾ ڪم نٿو ڪري سگهان. هن چيو ته استيعفا ڪجهه ڏينهن اڳ ڏني هئي. منهنجي استعيفا قبول ڪئي وئي، اسان جي پڄاڻي سٺي موڙ تي ٿي. وزيراعطم منهنجي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، منهنجون به ان لاءِ نيڪ خواهشون آهن. ذريعن موجب آفتاب سلطان مطابق مون تي گرفتارين لاءِ دٻاءُ هو. آفتاب سلطان اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال جي رٽائرمينٽ کان پوءِ جولاءِ 2022 ۾ نيب جي سربراهي سنڀالي هئي. مقرري جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته آفتاب سلطان کي قومي اسيمبلي ۾ قائد ايوان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ وچ ۾ صلاح مشوري کان پوءِ نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. آفتاب سلطان کي بنا واڌ جي ٽن سالن لاءِ نيب جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. نيب چيئرمين کي سپريم ڪورٽ جي هڪ جج جي برابر مراعتون حاصل هيون. مستعفي نيب چيئرمين پوليس سروس آف پاڪستان تان گريڊ 22 تان رٽائرڊ آفيسر آهي. آفتاب سلطان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دور ۾ ڊي جي انٽيليجنس بيورو مقرر رهيو. هوڏانهن نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ آفتاب سلطان چيو ته پنهنجي ڪم ۾ مداخلت برداشت ناهيان ڪندو، مون کي چيو ويو ته فلاڻي جي ڀاءُ کي ڇڏي ڏيو، فلاڻي کي پڪڙيو. هن چيو ته چيئرمين جي عهدي تان استيعفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهڻو خوش ۽ مطمئن آهيان ته پنهنجي اصولن کي برقرار رکڻ جي قابل آهي ۽ ڪنهن دٻاءُ هيٺ نه آيس. هن چيو ته پنهنجي زندگي ۽ پيشيوراڻي ڪيريئر ۾ قانون مطابق ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هن چيو ته اسان جو آئين اسان جي سمورن مسئلن جو حل فراهم ڪري ٿو. آفتاب سلطان چيو ته آئين تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري اڄ اسان جنهن سياسي ۽ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهيون. هن چيو ته هر سياسي حڪومت کي عوام جو مينڊيٽ هوندو آهي ته اها پنهنجا پنج سال مدو پورو ڪري ۽ ڪوئي فرد يا ٽولو قومي مفاد جي نالي تي حڪومت کي هٽائي نٿو سگهي. هن چيو ته سياسي عمل ۽ چونڊن جو تسلسل ضروري آهي. آئون ڪنهن جي خلاف ڪوڙو ڪيس نٿو هلائي سگهان ۽ نه ئي ڪنهن جي خلاف قائم ريفرنس رڳو ان بنياد تي وجهي سگهان ٿو ته مجرم ڪنهن وڏي شخص جو مائٽ آهي. هن چيو ته اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي اصولن کي برقرار رکڻ لاءِ نيب جي نوجوان آفيسرن تي مڪمل اعتماد آهي. هن چيو ته نيب آفيسرن کي چوان ٿو ته آئين کي مڃو ادارن جي ڳالهه نه ٻڌو. مون کي چيو ويو ته فلاڻي جي ڀاءُ کي ڇڏي ڏيو، چيو ويو ته فلاڻي شخص کي پڪڙيو. ان وٽ هڪ پلاٽ آهي، پنهنجي اربين رپين جي پراپرٽي ۽ هڪ پلاٽ واري کي پڪڙيان؟ آفتاب سلطان چيو ته نيب کي ايمانداري سان هلايو آهي ڪنهن جي مداخلت قبول ناهي ڪئي. نيب آفيسر غيرقانوني ۽ غير آئيني حڪم نه مڃين. نيب جا 90 سيڪڙو ماڻهو سٺا آهن، هڪ سيڪڙو ۾ مسئلو آهي. اڳوڻي نيب چيئرمين چيو ته مان نه ڪجهه کڻي آيو هيس نه ئي ڪجهه کڻي وڃي رهيو آهيان. ملڪ جي ٻن صوبن ۾ آئين مطابق چونڊون ڪرايو ۽ ايندڙ نئين حڪومتن کي تسليم ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button