رانديون

نجم سيٺي گورننگ بورڊ کي 2 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي گورننگ بورڊ کي 2 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته ايندڙ ڏيڍ مهيني ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ سان نه رڳو علائقائي ادارا بحال ٿي ويندا پر گورننگ بورڊ، ڊپارٽمينٽس به مڪمل ٿي ويندا. ايندڙ گهرو سيزن ۾ ادارا ايڪشن ۾ هوندا. هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۽ ايشيا ڪپ جو فيصلو آءِ سي سي اجلاس ۾ ڪيو ويندو، اتي پنهنجو اصولي موقف اختيار ڪيو ويندو پر ان کان اڳ حڪومتي ادارن سان به مشاورت ڪندا.

نجم سيٺي چيو ته لاهوري وڏي انگ ۾ اسٽيڊيم ۾ آيا ۽ پي ايس ايل 8 جي ميچن کي ڀرپور موٽ ڏني، رانديگر پرفارم ڪري رهيا آهن، هو به اسٽيڊيم جي گنجائش وڌائڻ چاهين ٿا، شهرين جي سهولت لاءِ ويجهو هوٽل ٺاهينداسين. ڪراچي ۾ اسان جي جاءِ آهي، لاهور ۾ ڪمشنر سان ملاقات ٿي، انهن کي چيو ويو آهي ته هوٽل لاءِ زمين ليز تي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button