پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ پيپلز پنڪ بس سروس جي وڌيڪ ٻن روٽن جي شروعات

ڪراچي: ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن روٽن تي عورتن لا مخصوص پيپلز پنڪ بس پنهنجي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي. صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه ڪالهه سي ويو تي رٿيل تقريب ۾ پيپلز پنڪ بس سروس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ، ايم پي اي سعديه جاويد، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صهيب شفيق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پارٽي قيادت جي خاص حڪم تي سڄي سنڌ ۾ پيپلز پنڪ بس سروس شروع ڪئي آهي. پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ آزمائشي بنيادن تي روٽ شروع ڪيو ويو آهي. ان کي شاندار موٽ ملڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ عورتن لاءِ گلابي بس سروس شروع ڪئي وئي.

هن چيو ته اڄ کان ڪراچي جا ٻه نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن. مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين جي سهولت لا پنڪ بس سروس کي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هي هڪ وڏو قدم آهي. کين اسڪولن، ڪاليجن ۽ آفيسن ۾ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به عورتن لاءِ الڳ بس سروس ناهي. دنيا ۾ صرف 12 ملڪ آهن، جتي عورتن لاءِ الڳ بس سروس آهي ۽ پاڪستان به انهن ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پيپلز پنڪ بس سروس کي عالمي ميڊيا ۾ ڀرپور موٽ ملي آهي. هن چيو ته گلابي بس سروس سکر، لاڙڪاڻي ۽ هر ضلعي ۾ شروع ڪئي ويندي ته جيئن عورتن کي محفوظ سفري سهولتون ملي سگهن ۽ هو اڳتي وڌي سگهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال ۽ نمائش چورنگي کان سي ويو تائين 2 نوان گلابي بس سروس جا روٽ اڄ شروع ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ماڊل ڪالوني کان ٽاور روٽ تي بسن جي تعداد وڌائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button