پاڪستانسنڌ

ججن جي اڪثريت واضح موقف ڏنو ته پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٻن نه پر چئن جج صاحبن اعتراض ڪيو آهي ته ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس بڻجي ئي نه ٿو. جڏهن اهو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ آهي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جي ضرورت ئي نه هئي. هن چيو ته ججن جي اڪثريت واضح طور تي پنهنجو موقف ڏنو آهي ته اهو پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي. هن اها ڳالھه پيپلز پنڪ بس سروس جي افتتاح جي موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪئي. هن چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ۾ ان کان به وڏا ڪيس التوا ۾ نه آهن؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي عدالتي قتل جو ڪيس اڃا التوا ۾ آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل ڪيس جي ريفرنس لاءِ عدالت وٽ وقت ناهي. هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ڪيستائين هلندا، لاڏلي لاءِ عدالتون رات جو کوليون وينديون آهن، ڇا ملڪ ۾ ائين ئي هلندو رهندو؟ هي لاڏلاازم ڪيستائين جاري رهندو؟

هن چيو ته لاڏلاازم ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، لاڏلاازم ملڪ لاءِ خطرو بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته هر پارٽي چونڊن لاءِ تيار آهي پر اها ضمانت ڪير ڏيندو ته عمران خان نئين چونڊن جا نتيجا قبول ڪندو؟ هي شخص ٻه ٽي هزار ماڻهن سان گڏ گهمي رهيو آهي. لٺيون کڻي بدمعاشِيون ڪري رهيو آهي ۽ مولا جٽ بڻيل آهي. هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ غلط روايتون وجھي رهيو آهي، سڀاڻي ڪو به هزار ماڻهو کڻي عدالت اچي سگهي ٿو. هن چيو ته انهن ماڻهن پوليس اهلڪارن کي لٺيون هيون، هن ملڪ ۾ پهرين ائين ڪنهن ناهي ڪيو. افسوس ايتري بدمعاشيءَ کانپوءِ به کيس رليف ملي رهيو آهي. اسان به عدالتون ۽ جيل ڀوڳيا آهن پر اسان کي اهڙي رعايت ڪڏهن نه ناهي ملي. هن چيو ته مون کي پنهنجي پارٽي اجازت ڏئي، ان کان وڌيڪ ماڻهن کي عدالت ۾ وٺي ويندس. ڇا پيپلز پارٽي ايترا ماڻهو نٿي آڻي سگهي؟ جيڪڏهن سياسي پارٽيون عدالتن جو احترام ڪنديون ته عوام به عزت ڪندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان کي گرفتار ٿيڻ گھرجي. هن شخص مسلسل قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي زيادتي تي احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر قانون ۽ آئين جي اندر رهي ڪري احتجاج ٿيڻ گهرجي. جيل ڀريو تحريڪ بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ وارا تاريخ تي تاريخ ڏئي رهيا آهن ته جيئن سندن ڳالهه ڪٿي بڻجي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيل ڀريو تحريڪ ۾ ڪير به ٻاهر نه آيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان بدمعاشن ۽ مافيا وانگر عدالتن ۾ گھڙندو آهي، اهو عدالتن جو ڪم آهي ته ان جو نوٽيس وٺن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button