اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن طرفان عدالتي حڪم تي عملدرآمد جو فيصلو

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي لا ونگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چونڊن بابت مشاورت ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن مشاورت لاءِ صدر ۽ گورنر ڪي پي ڪي کي خط لکندو. ٻنهي صوبن ۾ چونڊون عيد الفطر کانپوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي. اليڪشن شيڊول 54 ڏينهن تي ٻڌل هوندو. ادارن جي عدم تعاون تي آرٽيڪل 220 جو استعمال ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل ونگز کي هدايت ڪئي ته ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button