رانديون

سرفراز لاهور قلندرز خلاف خراب ڪارڪردگي جو ذميوار بالرن کي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد لاهور قلندرز خلاف خراب ڪارڪردگي جو ذميوار بالرن کي قرار ڏئي ڇڏيو. ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَ تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پهرين 10 اوورن ۾ 7 وڪيٽون وٺڻ باوجود هو ميچ کٽي نه سگهيا، جنهن ڪري افسوس آهي. قلندرز کي 100 رنسن کان اڳتي وڌڻ نه ڏيڻ جو هدف هو پر ائين نه ٿيو، سڪندر رضا شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. سرفراز احمد چيو ته بالرز پهرين 10 اوورن ۾ وڪيٽون وٺڻ باوجود به تمام گهڻيون رنسون ڏئي ٽيم کي مايوس ڪيو، اسان جي بالرن ايندڙ 6 اوورن ۾ 52 رنسون ڏئي قلندرز کي ميچ ۾ واپسي جو رستو ڏنو. وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين بالنگ اٽيڪ ۾ غلطين جي نشاندهي ڪئي پر بيٽنگ جي خراب ڪارڪردگي تي ڪجهه به نه چيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button