رانديون

وقار يونس جي لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ سرفراز احمد جي بيٽنگ تي سخت تنقيد

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ وقار يونس لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد جي بيٽنگ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر وقار يونس، سرفراز احمد کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته لاهور قلندرز خلاف گليڊي ايٽرز جي شروعات ئي سٺي نه هئي ته پوءِ سرفراز احمد 28 بالن تي 27 رنسون ڇو ٺاهيون؟ هن اسٽرائيڪ ريٽ سان ڪابه ڪاميابي ناهي ملندي. هن چيو ته ڇهين نمبر تي کيڏندڙ رانديگر گهٽ ۾ گهٽ 150 کان 160 جي اسٽرائڪ ريٽ سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سرفراز 100 جي اسٽرائڪ ريٽ سان کيڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button