رانديون

اداڪاري بابت نه ڪجهه ڄاڻان ٿو ۽ نه ئي ايندي آهي: شعيب ملڪ

ڪراچي: پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ ٽي وي اسڪرين تي ميزباني جا فرض تمام شاندار انداز ۾ ادا ڪندي نظر اچي ٿو، هاڻ هن اداڪاري جي حوالي سان به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. شعيب ملڪ کان اهو سوال تازو هڪ انٽرويو دوران پڇيو ويو ته هو اسڪرين تي صرف ميزبان طور نظر ايندو يا کيس اداڪاري ۾ به دلچسپي آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي اداڪاري جي ڪا به ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي مون کي ڪا اداڪاري ڪرڻ اچي ٿي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مون کي ڪو سٺو پروجيڪٽ مليو ۽ مون وٽ وقت هوندو ته ضرور ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته في الحال مان نه اداڪاري ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهيان ۽ نه ئي اداڪاري ڪرڻ جو ارادو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button