اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جو ڏيوالو ناهي نڪتو ۽ نه ئي نڪرندو:اسحاق ڊار

اسلام آباد :ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هر وقت اهو چوڻ ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي، ٺيڪ ناهي. نه ملڪ جو ڏيوالو نڪري پيو نه ئي نڪرندو. اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ملڪ سان جيڪو ڪيو، کيس جيل ۾ هجڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس کان اڳ اسحاق ڊار صحافين کي ملي ويو ته هر سوال جي جواب ۾ 4 لڳي 10 منٽ چوڻ لڳو، سوال ٿيو ته توهان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهيو؟ جنهن تي جواب 4 لڳي 10 منٽ آيو. اسحاق ڊار کان سوال ٿيو ته شبر زيدي چئي رهيو آهي توهان استعيفيٰ پيا ڏيو؟ جنهن تي اسحاق ڊار چيو ته شبر زيدي جيڪو ملڪ سان ڪيو، کيس جيل ۾ هجڻ گهرجي. پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ اسحاق ڊار چيو ته مان ڇو استعيفيٰ ڏيان، ڪير آهيو توهان؟ مون کي خبر آهي ته توهان ڇا ڪيو آهي ملڪ سان. هن چيو ته عمران خان ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي پر پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو، اسان وٽ پاليسي به آهي، پلان به آهي ۽ روڊ ميپ به آهي، توهان وٽ ڇا هو؟ سندس چوڻ هو ته عمران خان حقيقتن جي ابتڙ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن ايتري تائين چئي ڇڏيو ته پاڪستان ُٽٽي ويندو، عمران خان کي آڻيندڙن چيو ته جيڪڏهن هي ڪجهه وقت رهجي وڃي ها ته ملڪ نه بچي ها. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان گذريل سال نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي گاڏين ۾ ٻه ارب ڊالر پشاور منتقل ٿيا، ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪارروائي ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button