اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس لاءِ “معزز” جو لفظ نه لکڻ گهرجي:جسٽس فائز

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته “معزز” جهڙن لقبن کي عدالتن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس لاءِ “معزز” جو لقب استعمال ڪرڻ بابت تحريري حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسٽيٽ لائف انشورنس جي ملازم جي ڪيس ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو اميد آهي ته جج، وڪيل ۽ درخواستگذار خوشامدي ۽ تعصبي ٿيڻ جي تاثر کان پاسو ڪندا. جسٽس قاضي فائز پنهنجي حڪم نامي ۾ لکيو ته پاڪستان جي آئين ۾ معزز يا عزت ماب جهڙا لقب عدالتن لاءِ نه لکيا ويا، پارليامينٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ “معزز” جو لفظ ڪير استعمال ناهي ڪندو پر سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽس لاءِ “معزز عدليا” جو لقب عام استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته برطانوي پارليامينٽ، جيڪا پارلياماني نظام جي ماءُ سڏي ويندي آهي، اتي به معزز پارليامينٽ ناهي لکيو ويندو، ججن يا پارليامينٽ ميمبرن کي معزز ميمبر لکڻ ۾ حرج ناهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪيس جي شنوائي دوران وڪيل هر هر معزز سپريم ڪورٽ چيو، پڇاڻي تي ٻڌايائين ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ 16 ڀيرا معزز سپريم ڪورٽ لکيو ويو. عدالت سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف شوڪت علي جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button