اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 30 اپريل تي ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد: صدر عارف علوي پنجاب جي چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن آَف پاڪستان طرفان صدر کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل کان 7 مئي تائين تاريخون تجويز ڪيون ويون هيون. ان کانپو صدر پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور کانپوءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل 2023ع (آچر) تي منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور ڪرڻ کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي صوبائي اسيمبلي جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پولنگ جي تاريخ 30 اپريل کان 7 مئي 2023ع جي وچ ۾ تجويز ڪئي هئي ۽ وڌيڪ تجويز ڏني هئي ته چونڊون ترجيحي طور تي آچر تي ڪرايون وڃن. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ صدر ۽ ڪي پي جي گورنر کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ڪي پي ۾ چونڊن لاءِ گورنر کان جواب گهريو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ صدر مملڪت کي خط اماڻيو، جنهن ۾ پنجاب صوبي ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ 30 اپريل کان 07 مئي 2023ع تائين جون تاريخون تجويز ڪيون ويون آهن. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مان جاري ڪيل بيان مطابق چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي جي روشني ۾ صدر مملڪت کي خط اماڻيو ويو آهي جنهن ۾ پنجاب صوبي ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ 30 اپريل کان 07 مئي 2023ع تائين جون تاريخون تجويز ڪيون ويون آهن. صدر مملڪت طرفان تاريخ جي چونڊ بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ۽ قانوني فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه جي گونر ڏانهن به خط اماڻيو آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن توهان جي جواب جي منتظر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button