رانديون

ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ رٺل فارم کي پرچائڻ ۾ ناڪام

دهلي: ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي جي ناڪامين جو سلسلو جاري آهي. ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ رٺل فارم کي پرچائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، آسٽريليا خلاف جاري هوم سيريز ۾ به ويرات ڪوهلي هن وقت تائين 13، 22، 20، 44 ۽ 12 رنسون ٺاهي چڪو آهي، هن آخري 20 اننگز ۾ رڳو هڪ ففٽي اسڪور ڪئي آهي. هن جي بنگلاديش خلاف 1، 24، 19 ناٽ آئوٽ ۽ 1، انگلينڊ خلاف 20 ۽ 11، سريلنڪا خلاف 13، 23 ۽ 45، ڏکڻ آفريڪا خلاف 29، 79، 18، 35، نيوزيلينڊ خلاف 36 ۽ ٻڙي رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ سندن ڪارڪردگي نمايان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button