پاڪستانپنجاب

جنهن پنهنجي نياڻي سان انصاف نه ڪيو، سو ملڪ سان ڪهڙو انصاف ڪندو:مريم نواز

ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مريم جڏهن آئينو ڏيکاريندي آهي ته توهين عدالت ياد اچي ويندي آهي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن هڪ گهڙي چور پڪڙيو وڃي ۽ ٻاهر ڦرندو وتي. گوجرانوالا ۾ ورڪرز ڪنويشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ٻاهر ڪيو وڃي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن توهان پنهنجي ملڪيت ۽ ڌيءَ کي لڪائيندا آهيو، ان ڪوڙ سان توهان 4 چونڊون وڙهيون، جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ کي انصاف نه ڏئي سگهيو، اهو پاڪستان سان ڪهڙو انصاف ڪندو؟ هن چيو توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن سازشي کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن عدالت پيشي جو چئي ۽ هي حڪم نه مڃي، چيو ويندو هو ته نواز شريف هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي ۽ ٿيندو هو، هن کي عدالت گهرائي رهي آهي ۽ هي پلاسٽر ڏيکاري رهيو آهي، هي نواز شريف تي ٽوڪون ڪندو هو، 5 مهينن کان پلاسٽر نٿو لاهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف خلاف تڪڙا فيصلا ايندا هئا، هن جي ڏوهن خلاف فيصلا ڪرڻ وارو ڪير آهي يا قيامت تائين کيس ڇڏيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button