اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ڪير ڳالهائي نٿو ته ڇا ڪريان:عمران خان

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، مان ڪرپٽ ناهيان، آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس ڪڍي، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾ گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته منهنجي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي، جيڪڏهن ڪير اهو ٿو سمجهي ته گوڏا کوڙي ڇڏيندس ته ائين نٿو ٿي سگهي، هاڻ ڪو ڳالهائڻ لاءِ ئي تيار ناهي ته مان ڇا ڪيان، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته مان چئلينج ٿو ڪريان ته مون تي ۽ گهرواري تي ڪرپشن جو هڪ به ڪيس ثابت ڪيو، آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس ڪڍي، لڳي ٿو ته آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ئي ناهي ته سياست ڇا ٿيندي آهي. سندس موجب وڏو زور لڳايو ويو ته پرويز الاهي منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي، هاڻ اسان کي پرويز الاهي سان وفاداري ڏيکارڻي آهي، مان ڪنهن سان بي وفائي نٿو ڪري سگهان. عمران خان چيو ته جنرل (ر) باجوا منهنجي چيلهه ۾ چاقو هنيو، اسان پي ڊي ايم جي امپائرن باوجود چونڊون کٽينداسين، سمنڊ پار پاڪستاني پي ٽي آءِ سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button