پاڪستانپنجاب

تحريڪ انصاف اڳواڻن جي نظربندي معطل، عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور ها ڪورٽ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين نظربند ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آ طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ گرفتاري ڏيندڙ اڳواڻن بابت ها ڪورٽ ۾ جسٽس طارق سليم شيخ درخواستگذار فواد چوڌري جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن جي نظربندي جا حڪم معطل ڪري ڇڏيا ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت طرفان پنجاب حڪومت سميت ڌرين کان 6 مارچ تائين جواب پڻ طلب ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اعظم سواتي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي لاهور مان گرفتار ڪري پنجاب جي ٻين مختلف جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button