بلوچستانپاڪستان

بي اين پي جو ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ بلوچستان جو گورنر مقرر

بلوچستان ۾ به نئون گورنر اچي ويو، صدر عارف علوي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ کي صوبي جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بلوچستان جي گورنر جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ 101 تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر لاءِ بي اين پي کان نالا طلب ڪيا هئا، جنهن بعد بي اين پي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ جو نالو تجويز ڪيو هو. وزيراعظم شهباز شريف طرفان سفارشون موڪليون ويون هيون، جنهن کي صدر عارف علوي منظوري ڏيندي ايڊوائيس تي صحيح ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button