رانديون

شڪيب بنگلاديش وائيٽ واش کان بچائي ورتو، انگلينڊ کي شڪست

بنگلاديش جي شڪيب الحسن 75 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ 4 وڪيٽون وٺي بنگلاديش کي وائيٽ واش کان بچائي ورتو آهي، انگلينڊ کي آخري ون ڊي ۾ شڪست اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ خلاف ٽن ميچن واري ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ بنگلاديش 51 رنسن تان فتح ماڻي ورتي آهي. بنگلاديش جي بيٽر شڪيب الحسن 75، مشفيق الرحيم 70 ۽ نجم الحسن شنٽو 53 رنسن جي اننگز سان 246 اسڪور ڪري ورتو، انگلش بالرن مان جوفرا آرچر 3، سيم ڪرن ۽ عادل رشيد 2،2 وڪيٽون وٺي فتڄ ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا. جڏهن تھ موٽ ۾ انگلينڊ جي ٽيم سڄي 196 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جيمس ونس 38، فل سالٽ 35، ڪرس ووڪس 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بنگلاديش جي بالر شڪيب الحسن 4 شڪار ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، تيج الاسلام ۽ عبادت حسين بھ 2،2 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button