رانديون

پي ايس ايل 8: پشاور زلمي 35 رنسن تان فاتح، لاهور قلندرز کي شڪست

پي ايس ايل سيزن 8 ۾ پشاور زلمي جي بالر ۽ پنجاب جي نگران وزير وهاب رياض لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي کي ڀرپور جواب ڏئي پشاور زلمي کي 35 رنسن تان فتح ڏياري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق پنڊي جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ شاهين جي 4 وڪيٽن ۽ 52 رنسن جي جواب ۾ وهاب رياض 3 وڪيٽون وٺي لاهور قلندرز کي شڪست ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن جو ساٿ بالر ارشد اقبال پڻ ڏنو. پشاور زلمي جي ٽيم آخري اوور ۾ 207 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ صائم ايوب 68، بابراعظم 50 ۽ ٽام ڪوهلر ڪيڊمور 36 رنسن سان نمايان رهيا، محمد حارث ۽ رومان پاويل 9،9 رنسون ڪيون، لاهور قلندرز جي بالرن شاهين آفريدي 4 شڪار ڪيا، حارث رئوف، زمان خان ۽ راشد خان 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. ٽيم جا بيٽر 172 رنسن تي آئوٽ، حسنين طلعت 63 ۽ ڪپتان شاهين آفريدي 52 رنسون ٺاهيون، سڪندر رضا 20 ۽ فخر زمان 11 رنسن تي آئوٽ ٿيو، 5 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا. پشاور زلمي جي بالرن مان وهاب رياض ۽ ارشد اقبال 3،3 وڪيٽون ورتيون، عظمت الله امارزئي 2 شڪار ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button