رانديون

ڪراچي گيمز ۾ ڪرڪيٽ ۽ فٽبال مقابلن ميدان مچائي ڇڏيو

ڪراچي گيمز جا مقابلا جاري آهن، جنهن ۾ ڪرڪيٽ ۽ فٽبال جي ميچن ميدان کي مچائي دلچسپ بڻائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽي ايم سي جي ميدان تي ڪرڪيٽ جي کيڏيل ميچن ۾ ميٽروپوليٽن ڪلب 8 وڪيٽن تان شامل ڪلب کي شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ ٻي ميچ ۾ ڪي ايم سي جي ٽيم پاڪ ڪورنگي ڪلب کي شڪست ڏني آهي. فٽبال جي ميچن ۾ سيمي فائنل لاءِ مقابلا ٿيا، جن ۾ ڪلري اسٽار 3 گولن تان ڪياماڙي ڪلب کي شڪست ڏني آهي، اهڙي ريت ڪوهاٽ ڪلب پينلٽي ڪڪس تي حيدري بلوچ ٽيم کي شڪست ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button