رانديون

سريلنڪا 355 تي آئوٽ، نيوزيلينڊ جا 162 رنسن تي 5 آئوٽ

سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي 355 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا جي بيٽرن رڳو 50 رنسن جو اضافو ڪيو، جنهن ۾ ڌننجيا ڊي سلوا 46، ڪوسن رجيٿا 22، پرابٿ جئي سوريا ۽ لهرو ڪمار 13، 13 رنسون ڪيون، ڪيوي بالرن ٽم سائودي 5، ميٽ هينري 4 بيٽر آئوٽ ڪيا آهن. نيوزيلينڊ بھ پهرين اننگز ۾ 162 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي ويٺي آهي، جنهن ۾ ٽام ليٿم 67، ڊيون ڪونوي 30 رنسن سان نمايان رهيا، ڪين وليمسن هڪ، هينري نڪولس 2، ٽام بلنڊل 7 رنسن تي آئوٽ ٿيا، راند ختم ٿيڻ تائين ڊيرل مچل 40 ۽ مائيڪل براسويل 9 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. سريلنڪن بالرن اسيٿا فرنينڊو ۽ لهرو ڪمار 2،2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button