رانديون

احمد آباد ٽيسٽ: ڪيمرون سينچري ٺاهي ورتي، آسٽريليا 480 رنسن تي آئوٽ

آسٽريليا جي اوپنر عثمان خواجا بعد ڪيمرون گرين بھ سينچري ٺاهي ورتي آهي، جنهن سان ٽيم 480 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي. جڏهن تھ ڀارتي بالر روي چندرن ايشون 6 وڪيٽون ورتيون آهن. ميڊيا مطابق احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ آسٽريليا جي بالرن راند جي اوپنر عثمان خواجا 180 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اڪشر پٽيل هٿان آئوٽ ٿيو آهي. ڪيمرون گرين 18 چوڪن جي مدد 114 رنسون ٺاهيون، ٽوڊ مرفي 41، ناٿن ليان 34 رنسن سان اسڪور کي اڳتي وڌايو. ڀارتي بالرن مان روي چندرن ايشون 6 وڪيٽون وٺي آسٽريليا جو وڏو اسڪور روڪي ورتو، جديجا ۽ اڪشر پٽيل بھ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي، محمد شمي پهرين ڏينهن وڪيٽون ورتيون هيون. ڀارت پهرين اننگز ۾ بن نقصان جي 36 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جن ۾ ڪپتان روهت شرما 17 ۽ شبمن گل 18 رنسون ڪيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button