رانديون

نيوزيلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 2 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪرائيسٽ چرچ ٽيسٽ جي ميدان تي کيڏيل ٽيسٽ جي آخري ڏينهن تي نيوزيلينڊ 285 رنسن جو هدف 8 وڪيٽن تي ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، وليمسن 121 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهي شاندار اننگز کيڏي، ڊيرل مڍل 81، ٽيم ليٿم 24، هينري نڪولس 20 رنسن سان نمايان رهيا، سريلنڪن بالر اسيٿا فرنينڊو 3، پرابٿ جئي سوريا 2 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 355 ۽ ٻي اننگز ۾ 302 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 373 ۽ ٻي اننگز ۾ 285 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button