رانديون

بابر، شاهين کي آرام، افغانستان خلاف سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان، ڪپتاني شاداب حوالي

پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي افغانستان خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ عماد وسيم، ۽ اعظم خان واپسي ڪري ورتي آهي، صائم ايوب، طاهر طيب بھ ٽيم ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ بابراعظم، محمد رضوان، حارث رئوف ۽ شاهين آفريدي کي آرام ڏنو ويو آهي ۽ 18 رڪني اسڪواڊ جو ڪپتان شاداب خان کي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن تھ ٽيم ۾ عبدالله شفيق، فهيم اشرف، نسيم شاهه، احسان الله، محمد حارث، محمد وسيم جونيئر، محمد نواز، شان مسعود، طاهر طيب ۽ زمان خان کي شامل ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت اساما مير، حسيب الله ۽ ابرار احمد کي رزرو طور کنيو ويو آهي. پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ٻڌايو تھ بابراعظم جي ڪپتاني کي ڪو خطرو ناهي، هو ئي ٽيم جو ڪپتان رهندو، پر بابراعظم جڏهن بھ چوندو تھ هو هڪ فارميٽ يا ٻھ فارميٽ ڇڏڻ چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن ٽنهي فارميٽس کي ڇڏڻ جي خواهش ڏيکاري تھ بھ جيئن چوندو تيئن ٿيندو. هن چيو تھ بابراعظم اسان جو اسٽار آهي ۽ مان سندس عزت ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button