رانديون

انڊين ويلز ۾ سوائيٽڪ کي شڪست، سيبالينڪا فائنل ۾ پهتي

انڊين ويلز ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ آئيگا سوائيٽڪ شڪست کائي ٻاهر نڪري وئي آهي. جڏهن تھ آريانا سيبالينڪا مخالف رانديگرياڻي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ويمنز سنگلز جي سيمي فائنل ۾ پولينڊ جي ٽينس اسٽار آئيگا سوائيٽڪ کي قزاقستان جي ايلانا ريباڪنا شڪست ڏئي ايونٽ مان ڪڍي فائنل ۾ پهتي آهي. هوڏانهن ٻئي سيمي فائنل ۾ وري آريانا سيبالينڪا يونان جي ماريا سڪاري کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي آهي، هاڻ فائنل ۾ آريانا سيبالينڪا ۽ ايلانا ريباڪنا آمهون سامهون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button