رانديون

وليمسن ۽ نڪولس جون ڊبل سينچريون، نيوزيلينڊ جي اننگز 580 رنسن تي ڊڪليئر

نيوزيلينڊ جي بيٽرن ڪين وليمسن ۽ هينري نڪولس سريلنڪن بالرن کي ڪٽڪو ڏيندي ڌار ڌار ڊبل سينچريون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن بعد ڪپتان 4 وڪيٽن تي 580 رنسن سان اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ولنگٽن جي ميدان تي ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ڪين وليمسن ۽ هينري نڪولس جي نالي رهي، جن مان ڪين وليمسن 2 ڇڪن ۽ 23 چوڪن جي مدد سان 215 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ٿي ويو، جنهن سان گڏ ڊيون ڪونوي بھ جارحاڻي راند کيڏندي 4 ڇڪا ۽ 15 ڇوڪا هڻي 200 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن تھ باقي بيٽرن مان ڊيرل مچل ۽ ٽام بلينڊل 17، 17 رنسون ٺاهيون هيون. سريلنڪا جي بالرن مان ڪوسن رجيٿا 2، ڌننجيا ڊي سلوا ۽ پرابٿ جئي سوريا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. نيوزيلينڊ جي ڪپتان پاران اننگز ڊڪليئر ڪرڻ بعد سريلنڪا جيئن بيٽنگ شروع ڪئي تھ اٿندي ئي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ رڳو 26 رنسن تي اوپنر اوشاڊا فرنينڊو 6 رنسن ۽ ڪوشل مينڊس ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا، راند جو وقت ختم ٿيڻ تي ڊيموٿ ڪرونارتني 16 ۽ پرابٿ جئي سوريا 4 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button