اسلام آبادپاڪستانپنجاب

عمران نيازي جي حرڪتن سان سندس فاشسٽ هجڻ ظاهر ٿي ويو:وزيراعظم

اسلام آباد/لاهور :وفاقي گهرو وزيرراڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جي گذريل ڪجهه ڏينهن جي حرڪتن سان سندس فاشسٽ هجڻ ظاهر ٿي ويو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماڻهن کي انساني ڍال بڻائي پوليس تي پيٽرول بم حملن ۽ عدليا کي ڌمڪائڻ لاءِ جٿن جي قيادت تائين عمران نيازي جو فاشسٽ ۽ عسڪريت پسند ٿيڻ ظاهر ٿي ويو. هن چيو ته عمران نيازي واضح طور تي ڀارتي انتهاپسند جماعت آر ايس ايس پي پيروي ڪري رهيو آهي.هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پي ٽي آءِ کي غير قانوني قرار ڏيڻ لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ ڪافي شيون سامهون اچي ويون آهن، اسان جي پارٽي جي قانوني ٽيم هاڻي ان تي غور ڪري رهي آهي ڇو ته پي ٽي آءِ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عدالت ذريعي ئي ڪنهن پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪالهه صبح لاهور ۾ پنجاب پوليس ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان نوگو ايريا ۾ ڪارروائي ڪري هڪ نام نهاد سياسي اڳواڻ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيل مخالف تحريڪ جي ڳالهه ڪري پاڻ گهر ۾ لڪي ويهي رهيو. گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته اسان اڃا مس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو سوچيون ٿا ته سندس ضمانت ٿي وڃي ٿي، زمان پارڪ ۾ آپريشن ڪري علائقي کي ڪليئر ڪيو ويو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته زمان پارڪ نو گو ايريا بڻيل هو جنهن کي ڪليئر ڪرائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آ چيئرمين جي گهر مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، عمران خان فتنو آهي، جيڪو ملڪ ۾ فساد ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن جا تفصيل آ جي پنجاب سڄي قوم کي ٻڌائيندو، پوليس آپريشن دوران هٿياربند نه هئي پر پوليس تي گهر جي اندران حملو ٿيو آهي، عمران خان جو چهرو سڀني ڏسي ورتو آهي، عدالتن طرفان کيس ماضي ۾ به رليف ملندو رهيو آهي ۽ اڄ به عمران نيازي خصوصي رليف مليو آهي، عمران هڪ ڊڄڻو شخص آهي، جيڪڏهن عدليا کيس اضافي رليف نه ڏئي ته هي ڪجهه ڏينهن اندر ٺيڪ ٿي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button