رانديون

ليونل ميسي 800 گول ڪندڙ دنيا جو ٻيو فٽبالر بڻجي ويو

ارجنٽينا کي فٽبال جو ورلڊ ڪپ کٽرائي ڏيندڙ ڪپتان ليونل ميسي 800 گول ڪندڙ دنيا جي ٻيو نمبر فٽبالر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ارجنٽنيا ۽ پاناما وچ ۾ فرينڊلي ميچ کيڏي وئي آهي، جنهن ۾ پهريون گول ارجنٽينا جي ٿياگو المادا ڪيو. جڏهن تھ پينلٽي ڪڪ تي ٻيو گول ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ٽيم کي فتح ڏياري ڇڏي، جنهن سان ليونل ميسي 800 گول مڪمل ڪري ورتا ۽ اهو تعداد ماڻيندڙ دنيا جو ٻيو رانديگر بڻجي ويو آهي. جڏهن تھ ڪرسٽيانو رونالڊو 830 گولن سان پهرين پوزيشن تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button