پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ رمضان بچت بازار ۾ هڪ به اسٽال نه لڳو، عوام دربدر

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي انتظاميا طرفان تاريخي قلعي جي مک گيٽ تي لڳايل رمضان بچت بازار مڪمل طرح ناڪام بڻجي وئي. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ۽ ايڊمنسٽريٽر پاران تاريخي قلعي جي مک گيٽ تي لڳايل رمضان بچت بازار ۾ هڪ به اسٽال لڳي نه سگهيو، رمضان بچت بازار ۾ سستي شين جا اسٽال نه لڳڻ سبب شهري اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ ڀاڄي ۽ فروٽ جي ريڙها لڳائيندڙ پورهيتن چيو ته اسان کي منڊي مان مهانگيون شيون ملن ٿيون، تنهن ڪري اسان هتي سرڪاري اگهه تي سامان نٿا وڪرو ڪري سگهون. ٻئي طرف شهرين چيو ته ضلعي انتظاميا پاران لڳايل بازار ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن سبب اسان کي سبزي ۽ فروٽ مهانگي اگهه تي ملن پيا، سڄي شهر ۾ مهانگائي جي باهه ٻري پئي آهي، پر عملدار آفيسن ۾ ويٺا آهن. هنن ڊي سي عمرڪوٽ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته آفيسن مان ٻاهر نڪري بچت بازار کي ڪامياب بڻايو وڃي يا واڌو اگهن تي ڪنٽرول ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button