
پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کان قميتي گهڙي ۽ روڪ رقم ڦر ڪندڙ جوابدار پوليس وٽ جاچ دوران پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق عامر خان ۽ سندس زال کان 18 اپريل 2022ع جي ڏينهن تي ڦر ٿي هئي، جوابدرن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪرڻ بعد جاچ ٿي آهي.