رانديون

ميامي اوپن ۾ نوري کي شڪست، ميدادوف ۽ جيسيڪا ميچ کٽيا

ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي رائونڊ مقابلن ۾ برطانوي ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري کي شڪست اچي وئي آهي. جڏهن تھ ڊينل ميدادوف فرانسس ٽافوئي ۽ ويمنز سنگلز ۾ جيسيڪا پاگولا پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي ورتا آهن. برطانيا جي ڪيمرون نوري کي فرانس جي گريگوئر برير شڪست ڏني آهي. هوڏانهن روس جي ڊينل ميدادوف اسپين جي روبرٽو بائنا کي هارايو ۽ آمريڪا جي فرانسس ٽافوئي مخالف رانديگر يوسوڪي واٽانوڪي کي شڪست ڏئي ڪواليفائي ڪيو. ويمنز سنگلز ۾ آمريڪا جي جيسيڪا پاگولا هم وطن ڊينلي ڪولنز کي شڪست ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button