رانديون

ون ڊي ۾ بابراعظم ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ سوريا ڪمار جي بادشاهي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي. ون ڊي ۾ ڪپتان بابراعظم ۽ ٽي-ٽوئنٽي ۾ سوريا ڪمار ياديو جي بادشاهي برقرار آهي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ جي مينز ون ڊي ۾ امام الحق ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 740 پوائنٽس سان ٽئين ۽ رسي وين ڊر ڊوسن 777 پوائنٽس سان ٻئين نمبر تي آهي. اهڙي طرح ٽي-20 جي عالمي رينڪنگ ۾ ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو 906 پوائنٽس سان پهرئين، محمد رضوان 811 پوائنٽس سان ٻئين، ڊيون ڪنوي 768 پوائنٽس سان ٽئين ۽ ڪپتان بابر اعظم 755 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي. بالرز جي رينڪنگ ۾ افغان اسپنر راشد خان 710 پوائنٽس سان پهرئين، ونندو هسرنگا 695 پوائنٽس سان ٻئين ۽ افغان بالر فضل الحق فاروقي 692 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button