رانديون

قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف لا پرڏيهين سان معاملا طئه ٿي ويا

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف جا معاملا طئي ٿي ويا آهن، جنهن جي تفصيل جو بورڊ جلد اعلان ڪندو. ذريعن موجب مڪي آرٿر ڪوچنگ اسٽاف جي قيادت ڪندو، هو ان کان اڳ هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀالي چڪو آهي، سندس دور ۾ پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي کٽي، مڪي آرٿر ڊربي شائر سان به ڪم ڪندو رهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي هلندڙ هفتي فائنل ڪيو ويندو، ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوچنگ اسٽاف لاءِ معاملا تقريبن طئي ٿي ويا آهن، نئون ڪوچنگ اسٽاف نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ چارج سنڀاليندو.

مڪي آرٿر کان علاوه گرانٽ بريڊ برن کي ڪوچنگ اسٽاف ۾ اهم ذميواريون ڏنيون وينديون، کيس هيڊ ڪوچ بڻايو ويندو، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر مورني مورڪل کي بالنگ ۽ ڏکڻ آفريڪا جي اينڊريو پيوٽڪ کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. مورني مورڪل کي 86 ٽيسٽ، 117 ون ڊي ۽ 44 ٽي ٽوئنٽي ميچن جو تجربو آهي، جڏهن ته اينڊريو پيوٽڪ هڪ ون ڊي ميچ کيڏي چڪو آهي. نيوزيلينڊ جو گرانٽ بريڊ برن ماضي ۾ پاڪستان جو فيلڊنگ ڪوچ ۽ اين ايڇ پي سي بي ۾ هيڊ آف هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ رهي چڪو آهي، رائٽ آرم آف بريڪ گرانٽ بريڊ برن 7 ٽيسٽ ۽ 11 ون ڊي ميچز کيڏي چڪو آهي. ٻئي طرف فزيو ڪلف ڊيڪون اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ ۽ ڊرائيڪس سائمن به خدمتون انجام ڏيندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ سيريز 14 اپريل کان شروع ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button