پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ويجهو ڪارنهن الزام ۾ مڙس ۽ سهري هٿان عورت قتل

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو مڙس ۽ سهري ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، هڪ جوابدار گرفتار. خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڪيچي گبول ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار سومرو گبول پنهنجي پي گل حسن گبول سان گڏجي پنهنجي زال 20 سالن جي صائما گبول کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو. جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو ڪارنهن الزام هيٺ پيش آيو آهي، جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي جي انچارج اي ايس آ لياقت مهر ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث مک جوابدار گل حسن گبول کي گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button