رانديون

آئي پي ايل سيزن 16 جا 5 اهم قانون تبديل ٿي ويا

انڊين پريميئر ليگ جي سيزن 16 ۾ 5 اهم ترين نوان قانون متعارف ڪرائيندي اڳوڻي قانون ۾ تبديلي آندي وئي آهي. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي پاران جاري ڪيل نئين قانون تحت پهرين قانون تحت امپيڪٽ پليئر کي 14 اوور کان اڳ تائين کيڏائڻ جي اجازت هوندي، ڪپتان ٽاس وقت نالي کان آگاهي ڏيندو. ٻئي قانون ۾ ٽيمن جو اعلان ڪرڻ ۾ ترميم ٿي آهي، جنهن تحت ڪپتان ٽاس بعد بھ پلئينگ اليون جو اعلان ڪري سگهندو. قانون نمبر 3 ۾ چيو ويو آهي تھ وائيڊ ۽ نو بالز جي مد ۾ ڊي آر ايس جو سهارو وٺي سگهبو. بال ڪرائڻ کان اڳ تڪراري يا اڻوڻندڙ حرڪت جي صورت ۾ بال ڊيڊ قرار ڏئي مخالف ٽيم کي 5 اضافي رنس ڏنيون وينديون ۽ پنجين قانون هيٺ سلو اوور ريٽ جي صورت ۾ هڪ وڌيڪ پليئر بائونڊري لائين بدران 30 فوٽن جي اندر بيهاريو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button