رانديون

ڀارت سپر پاور جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ هلائي رهيو آهي: عمران خان

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي تھ ڀارت سپر پاور جي حيثيت ۾ ڪرڪيٽ هلائي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ ڀارت وٽ روينيو پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ٻين کان وڌيڪ هجڻ ڪري اهو ڪرڪيٽ کي تڪبر سان ڊڪٽيشن ڏئي ٿو، سپر پاور جيان ئي رويو اختيار ڪندو آهي، ڀارت ئي فيصلو ڪري ٿو تھ ڪنهن کي کيڏائڻو آهي ۽ ڪير نھ کيڏندو هن چيو تھ هاڻ پاڪستان وٽ پنهنجي ليگ آهي، جنهن ۾ پرڏيهي رانديگر ايندا آهن. هن چيو تھ مان حيران آهيان تھُ آئي پي ايل ۾ ڀارت پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي ٻاهر رکيو آهي، ڇوتھ بدقسمتي سان پاڪستاني رانديگر آئي پي ايل ۾ ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو تھ انگلينڊ ۾ 1971ع کان 80ع جي عرصي دوران کيڏيو آهيان، انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ۽ انگلش ڪائونٽي ۾ کليل نموني سان نسل پرستي موجود هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button