رانديون

ميامي اوپن ۾ الڪراز کي شڪست، پيٽرا ويمنز فائنل ۾ پهچي وئي

ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ عالمي اسٽار ڪارلوس الڪراز کي شڪست اچي وئي آهي، جنهن کي شڪست ڏئي جانڪ سنر فائنل ۾ پهچي ويو آهي. جڏهن تھ ويمنز سنگلز ۾ پيٽرا ڪويٽووا سورانا ڪرسٽيا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ چيڪ رانديگرياڻي پيٽرا ڪويٽووا سيمي فائنل ۾ رومانيا جي سورانا ڪرسٽيا کي هارائي فائنل ۾ پهتي آهي. جڏهن تھ ويمنز سنگلز جي فائنل ۾ پيٽرا ڪويٽووا ۽ ايلانا ريباڪناوچ ۾ ٽرافي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ويڙهه ٿيندي. هوڏانهن اسپين جي عالمي اسٽار ڪارلوس الڪراز کي اٽلي جي جانڪ سنر شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي، جتي سندس مقابلو روس جي ڊينل ميدادوف سان ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button